مولانا قاضي عبدالقادرسرهيو

مولانا قاضي عبدالقادرسرهيو : مولانا قاضي عبدالقادر سرهيو ولد الهورايو خان سرهيو، شهر ڊرگهه بالا تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ ۾ سال 1344هه/1925ع تي جنم ورتو، پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ واري اسڪول مان حاصل ڪيائين. ان کانپوءِ ديني علم حاصل ڪرڻ لاءِ مولانا حاجي محمد حمزي سرهيي صاحب جي مدرسي ۾ داخل ٿيو، جتي قرآن شريف، عربي، فارسي، فقھ ۽ فتاويٰ جي سَنَدَ حاصل ڪيائين. مولوي محمد حمزي جي وفات بعد وڌيڪ تعليم مولانا عبدالله بروهي بلوچستاني مستوانيءَ وٽان حاصل ڪيائين. پوءِ ڪتاب مولانا امير محمد شاهه اميناڻي شريف واري وٽ پورا ڪري سَنَدَ ميرث حاصل ڪيائين. مولانا عبدالقادر سرهيي کي علم ميراث ۽ علم فقھ ۾ خاص عبور حاصل هو. ايتريقدر جو سندس شمار مشهور فقيهن ۽ عالمن ۾ ٿيڻ لڳو ۽ مولانا صاحب کي مناظري جي حيثيت ۽ حاضر جوابيءَ ۾ خاص ملڪو حاصل هو. مولانا صاحب وٽ عوام جا فيصلا ايندا هئا ته هو اُهي پنهنجي خداداد صلاحيتن سان حل ڪندو هو. کيس وڏيرا ۽ رئيس پنهنجو امين مقرر ڪندا هئا ۽ سندن فيصلا قبول ڪندا هئا. مولانا عبدالقادر سرهيو پنهنجي ڳوٺ ۾ ديني مدرسو قائم ڪيو، جتي تقريباً ويهه سال درس ۽ تدريس جاري رکيائين. سندس مدرسي مان ڪيترائي طالب علم عالم ۽ حافظ ٿي ويا، مولانا صاحب ملاڪاتيار وارن بزرگن جو مريد هو، ان ڪري بزرگ ملاڪاتيار وارن پنهنجي صاحبزادن جي تعليم لاءِ کيس پاڻ وٽ گهرايو. پاڻ تقريباً 30 سال ملاڪاتيار جي بزرگن وٽ خطيب ۽ مدرس جي حيثيت ۾ رهيو ۽ درگاهه جي مريدن جا فيصلا ۽ تحريرات جو ڪم ڪندا رهيو، جتي آخري الوداع جي تاريخ تائين درگاهه تي رهيا. مولانا صاحب 5 جولاءِ 2003ع مطابق 4 ربيع الاول 1424ع ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ملاڪاتيار ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2003.07.05  عيسوي

مولانا قاضي عبدالقادر سرهيو ولد الهورايو خان سرهيو، شهر ڊرگهه بالا تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ ۾ سال 1344هه/1925ع تي جنم ورتو، 5 جولاءِ 2003ع مطابق 4 ربيع الاول 1424ع ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آر اي ڪارسن
حاجي محمد عظيم اعواڻ
ذهين شاهه تاجي
پَشتون
عبدالحق شيخ
ٺٽي جا مغل نواب
سيد ناز لطيفي
حاجي علي محمد کوسو
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
پونم پاسڪل پرمار
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون